سيد مقبول حسين موسوي

سيد مقبول حسين موسوي: سيد مقبول حسين ولد سيد عبدالله شاهه موسوي، 19 مئي 1933ع تي سکر ۾ ڄائو، بي. اي (آنرس) بي. ٽي ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) پاس ڪرڻ کانپوءِ، تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 1951ع کان 1955ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ استاد ٿي رهيو. 1955ع کان 1957ع تائين پير جي ڳوٺ، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي هاءِ اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائين. ان کانپوءِ 1957ع کان 1964ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ استاد ٿي رهيو، جتان 15 آڪٽوبر 1964ع تي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1968ع ۾ سنڌ سرڪار جي سروسز ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪشن آفيسر ۽ 1978ع ۾ تعليم کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو، اهڙيءَ طرح 1982ع ۾ حڪومت سنڌ جي ناڻي کاتي ۾ پهريائين ڊپٽي سيڪريٽري، پوءِ 1986ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ 1991ع ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدن تي فائز رهيو. 1992ع ۾ سنڌ سرڪار جي سروسز ائنڊ جنرل ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ جي Implementation Unit جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو ۽ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين.
مقبول حسين شاهه هڪ محنتي جفاڪش ۽ نهايت ئي قابل شخص هو، تنهنڪري حڪومت سندس عهدي ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي.
هن درس تدريس جي مشغلي ۽ ملازمت جي مصروفيتن سان گڏوگڏ ڪيترا درسي نصابي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، جن جو وچور هن ريت آهي:
(1) سنڌ جو نظام حڪومت ۽ شهريت، (2) مملڪت پاڪ جو دستور، (3) دنيا جا قدرتي ڀاڱا، (4) جيڪا تُنهنجي مرضي، (5) دنيا جي جاگرافي، (6) مغربي پاڪ صوبي جو نظام حڪومت، (7) تاريخ اسلام، (8) هند و پاڪ، (9) هند و پاڪ ۾ برطانوي حڪومت، (10) جنرل هسٽري.
1. A Hand Book of Rules and Instructions for Civil Servants of Sindh.
2. A Guide for Retiring and Retired Civil Servants of Government of Sindh.
3. A Commentary on 1973 Constitution of Islamic Republic of Pakistan.
سيد مقبول حسين شاهه موسويءَ، 22 اپريل 1997ع تي وفات ڪئي ۽ ڏتل شاهه جي مقام ۾ مدفون آهي. کيس ٽن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.05.19  عيسوي

سيد مقبول حسين ولد سيد عبدالله شاهه موسوي، 19 مئي 1933ع تي سکر ۾ ڄائو،


1997.04.22  عيسوي

سيد مقبول حسين شاهه موسويءَ، 22 اپريل 1997ع تي وفات ڪئي ۽ ڏتل شاهه جي مقام ۾ مدفون آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بودلو سميجو
خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي
ايم بي انصاري
بلو مؤمن
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
هري شوداساڻي
ڊيوڊراس
روچيرام گجو مل
شهداد خان ٽالپر اول
عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون